بدر الدين زاهدي

بدر الدين زاهدي

بدر الدين زاهدي

بدر الدين زاهدي: مشهور سنڌي ڪامورو، بدر الدين زاهدي ولد محمد سومر خان 13 جون 1926ع ۾ ڳوٺ اڳڙا، تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. 1941ع کان 1947ع تائين هي عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو، جتان گرئجوئيشن بعد ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ابتدا ۾ 1949ع کان 1950ع تائين گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ انگريزي ادب پڙهايائين. هي 1956ع کان 1970ع تائين مختلف وقتن تي ڪمانڊ ڪنٽرولر، ملٽري اڪائونٽس؛ ڪنٽرولر نيول اڪائونٽس ۽ ڪنٽرولر ايئر فورس اڪائونٽس رهيو. جنهن دوران بجيٽ ٺاهڻ، انٽرنل آڊٽ جي نگراني ۽ مالياتي صلاحڪار طور خدمتون سر انجام ڏنائين. انهيءَ وچ ۾ 1962ع کان 1963ع تائين ڊائريڪٽر- پروجيڪٽس ڊويزن، پلاننگ ڪميشن؛ 1963ع کان 1967ع تائين ڊائريڪٽر- انويسٽمينٽ پروموشن بيورو، صنعت کاتو؛ 1970ع کان 1972ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ايڪسپورٽ پروموشن بيورو؛ 1972ع کان 1973ع رورل ڊولپمينٽ کاتي، سنڌ جو سيڪريٽري؛ 1972ع کان 1975ع تائين وزير اعليٰ سنڌ جو اقتصادي صلاحڪار رهيو. 1973ع ڌاري هن ورلڊ بئنڪ جي ’اڪانامڪ ڊولپمنٽ انسٽيٽيوٽ‘ مان خاص تربيت حاصل ڪئي. ان کانسواءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف بئنڪرس ۽ چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ۾ ٽريننگ ورتائين. زاهدي صاحب مارچ 1972ع کان آگسٽ 1973ع تائين ڊولپمنٽ ڪمشنر، سنڌ؛ ان بعد جون 1975ع تائين ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمنٽ سنڌ؛ 1975ع کان 1976ع تائين مواصلات کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري؛ ساڳئي سال سماجي بهبود ۽ رورل ڊولپمنٽ کاتي جو سيڪريٽري؛ 1976ع کان 1977ع تائين سيڪريٽري- پاپوليشن پلاننگ؛ 1989ع کان 1990ع تائين مواصلات کاتي مرڪز جو سيڪريٽري؛ 1990ع دوران ڪجهه مهينا وومين ڊولپمنٽ کاتي جو سيڪريٽري ٿي رهيو. بدر الدين زاهدي زرعي ترقياتي بئنڪ جو 1994ع کان 1995ع تائين چيئرمئن پڻ رهي چڪو آهي. کيس بهترين انتظامي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت پاڪستان طرفان ’تمغئه قائد اعظم‘ پڻ ملي چڪو آهي. هن پنهنجي ملازمت دوران تمام گهڻن اهل سنڌي نوجوانن کي ملازمتون ڏياريون.
بدر الدين زاهديءَ 7 سيپٽمبر 2007ع ۾ وفات ڪئي، کيس ٽن پٽن: جاويد بدر، نويد بدر، ۽ جمشيد بدر ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي.


لفظ بدر الدين زاهديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.06.13  عيسوي

مشهور سنڌي ڪامورو، بدر الدين زاهدي ولد محمد سومر خان 13 جون 1926ع ۾ ڳوٺ اڳڙا، تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.


2007.09.07  عيسوي

بدر الدين زاهديءَ 7 سيپٽمبر 2007ع ۾ وفات ڪئي،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوهر بروهي
جيون گرساهاڻي
سجاد حسين ڀٽي
فقيرعلي گل جلالاڻي صوفي
حڪيم محمد مراد چنا
خانبهادر عظيم خان دراني
رامانج آچاريه
سيد علي سرمست
استاد ببر علي
ڀائو محمد اسماعيل سيلرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون